درازي سخي قبول محمد ٽيون

درازي سخي قبول محمد (ٽيون): سخي قبول محمد (ٻئي) جي فرزند ميان صاحبڏني جو فرزند ميان جان محمد عرف سخي قبول محمد (ٽيون)، سن 1332هه/ 1913ع ۾ ڄائو ۽ هي گادي نشين ٿيو. هن جي دور ۾ خانداني اختلاف ٿيا، جن کي هن گهٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، پر ڪامياب نه ٿيو. سخي قبول محمد ٽيون (ميان جان محمد) جي دور ۾ درگاهه جو ٻيهر زور وڌيو. ساڻس ملاقات لاءِ سيد صالح شاهه راڻيپور وارو ايندو هو. ميان صاحب 1372هه/ 1952ع ۾ لاولد رحلت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو